چيف جسٽس مٺي پهچي ويو، انتظاميا اسپتالن مان مريض ڊسچارج ڪري ڇڏيا

مٺي( ڊر) چيف جسٽس گلزار احمد مٺي پهچي ويو، انتظاميا  ۾ ٿرٿلو مچي ويو. اسپتالن ۾ گل رکيا ويا. اسپتال انتظاميا اڪثر مريضن کي ڊسچارج ڪري گهر موڪلي ڇڏيو، :چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ٻن ڏينهن جي دوري تي رات مٺي پهچي ويو . جتي رات ريسٽ هائوس ۾ ترسڻ بعد اڄ مٺي بار ايسوسيئشن  جي آجياڻي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. مٺي بار پارن چيف جسٽس کي ٿر جي مسئلن بابت به بريفنگ ڏني ويندي. چيف جسٽس جي مٺي پهچڻ بعد انتظاميا ٿرٿلي ۾ اچي وئي آهي. انتظاميا مٺي جي سول اسپتال ۽ سمورن روڊن کي چمڪائي ڇڏيو آهي. سول اسپتال مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ گلڪاري ڪري گل رکيا ويا آهن ۽ صاف صفائي ڪري اسپتالن کي عطر جي خوشبو سان ڌوتو پيو وڃي،جنهن سبب بدبوءِ  ڪري ويل اسپتالن ۾ خوشبو جي مهڪ اچي ٿي. مليل رپورٽن موجب ته صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا پارن اسپتالن ۾ صفائي برقرار رکڻ لاءِ مريضن جي اچ وڃ جا در بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ داخل اڪثر مريضن کي ڊسچارج ڪري گهر موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ٻين مريضن کي شڪايتون نه ڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌي ايلاز ڪري مطئمن ڪيو پيو وڃي.

  • مٺي بار چيف جسٽس کي ڪارونجهر، صحت، پاڻي ۽ ٻين مسئلن بابت آگاهه ڪندي

مٺي:مٺي بار ايسوسيئشن پاران ٿرڪول،ڪارونجهر،صحت،پاڻي سميت ٻيا مسئلا چيف جسٽس آڏو رکيا ويندا،چيف جسٽس کي ٿر جي سمورن مسئلن بابت آگاھ ڪيو ويندو ۽ هڪ ڪتاب تي مشتمل مسئلا چيف جسٽس کي لکت ۾ حوالي ڪرڻ جو امڪان ٻُڌايو پيو وڃي. 03

  • چيف جسٽس گڊي ڀٽ پهتو، مٺي جو خوبصورت نظارو

مٺي: چيف جسٽس مٺي جي مشهور پڪنڪ پوائنٽ گڍي ڀٽ تي پهچي ويو،خوف جو شڪار ٿيل انتظاميا صحافين کي ڪوريج کان روڪي ورتو،سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد مٺي جي مشھور ۽ خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ گڍي ڀٽ پهچي ويو،چيف جسٽس گڍي ڀٽ تان فيملي سميت مٺي شھر جو رنگين روشنين وارو منظر ڏٺو،چيف جسٽس جي گڍي ڀٽ پهچڻ جي ڪوريج کان مقامي ميڊيا کي انتظاميه روڪي ڇڏيو،پوليس موجب چيف جسٽس سان گڍي ڀٽ تي فيملي گڏ آھي،ميڊيا کي  ڪوريج جي اجازت نٿا ڏئي سگهون،

  • چيف جسٽس جي آمد کان اڳ ڪيل رنگ روغن برسات ڦٽائي ڇڏيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي اڄوڪي مٺي واري دوري کان اڳ ۾ انتظاميا پاران ڏيکاءُ خاطر ڪيل ترقياتي ڪمن کي برسات وائکو ڪري ڇڏيو آهي،انتظاميا پاران سول اسپتال مٺي،اسلام ڪوٽ،ڏيپلو،ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي اسپتالن سميت شهرن جي روڊن رستن تي ڪيل رنڱ روغن ۽ چمڪ ڌمڪ توڙي صاف صفائي کي گذريل رات پيل برسات وائکو ڪري ڇڏيو آهي،هلڪي برسات انتظاميا جا وڌيڪ پول کولي ڇڏيا آهن،برسات بعد روڊن ۽ رستن تي گپ چِڪ وڌي وئي آهي،انتظاميا کي برسات وڌيڪ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي،جيڪو ٻيهر ڊبل محنت ڪندي نظر اچي رهي آهي،مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي شهرن سميت اسپتالن کي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ جو ڪم رات ڌير تائين جاري هو،انتظاميا ڊوڙ ڊُڪ ۾ لڳل نظر اچي رهي هئي هئي. 03

  • ٿري  ٻار چيف جسٽس جي بهترين تصوير جوڙي ڇڏي

مٺي: ٿر جي ننڍڙي مصور جو ڪمال،پينسل سان چيف جسٽس جي بهترين تصوير ٺاهي ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي،مٺي جي ڳوٺ رڙياڙي واسي 10سال معصوم نينگر طوطا رام ميگهواڙ طرفان چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي آجيان طور پينسل ذريعي آرٽ سان بهترين تصوير ٺاهي ورتي،ننڍڙي نينگر چيف جسٽس سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي آهي،نينگر طوطا رام ميگهواڙ چيو آهي ته آئون هي تصوير چيف جسٽس کي تحفي طور ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ مونکي چيف جسٽس سان ملايو وڃي،هن چيو آهي ته مون چيف جسٽس جي اِها تصوير سوچي سمجهي ٺاهي آهي ته ڪو نه ڪو منهنجي چيف جسٽس تائين رسائي ڪرائيندو ۽ آءُ اها تحفو سائين کي پيش ڪندس. 03

  • آر او پلانٽ ملازم ۽ هيلٿ ورڪر چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪندا

مٺي: آر او پلانٽ جا ملازم،هيلٿ ورڪر چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪندا،ٿر جي آر او پلانٽ جا سمورا احتجاج ست مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندا ۽ صحت کاتي جا 49 ملازم عدالتي حُڪمن باوجود پگهارون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي دانهيندا. اُن سان گڏ اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۾ ٿر واسي ٿرڪول ڪمپنين جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندا. ٿر ۾ سهوليتن جي کوٽ ۽ ٿر مسائلستان بڻيل هجڻ خلاف نوجوان چيف جسٽس کي دانهن ڏيندا،ٿرواسين چيف جسٽس کان ٿرين لاءِخاص وقت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.