”بولڊ“ منظر سبب هالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو: سجل علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا سجل علي چيو آهي ته هن ”بولڊ“ منظر سبب هالي ووڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

تازو ئي هڪ انٽرويو دوران سجل علي ٻڌايو ته کيس هڪ هالي ووڊ فلم ۾ اهم ڪردار جي آڇ ٿي هئي پر هن ان فلم لاءِ ان ڪري انڪار ڪيو ڇو جو ان ۾ بولڊ منظر جي شوٽنگ ٿئي ها.

سجل علي چيو ته جيڪڏهن ڪو خوش قسمت هوندو آهي ته ان کي وڌيڪ عالمي ڪم جي آڇ ٿيندي آهي. پر ان لاءِ آئون ڪڏهن به پنهنجي انڊسٽري کان منهن نه موڙينديس. عالمي ڪم ان ڪري مون وٽ آيوڳ ڇو جو انهن سڀني فلمسازن پاڪستان ۾ منهنجو ڪم ڏٺو هو ۽ جڏهن آئون پرڏيهه ويندي آهيان ته آئون پنهنجي ڪم جو پنهنجي انڊسٽري ۾ حصو وجهڻ چاهيندي آهيان.

اداڪارا چيو ته ڪردار بابت مون کي خبر هئي ته آئون نه ڪري سگھنديس. جيتوڻيڪ ان ڪم لاءِ باڊي ڊبل جو استعمال سگھان پئي پر منهنجي ملڪ جا ماڻهو ان منظر کي مون سان ڳنڍي ڇڏين ها ۽ آئون کين اهڙيءَ طرح مايوس ڪرڻ نه پئي چاهيان. ان ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.