سائين جي ايم سيد جي سالگرهه قومي عيد جو ڏھاڙو آھي: اڳواڻ

مانجهند (ن ع آ) منظورآباد ۾ ايس يو پي ضلع ڪائونسل ڄامشورو جو اهم  اجلاس درياء خان لغاري ضلع صدر جي صدارت هيٺ آزادي منزل ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو اصغر سولنگي حق نواز مڱڻھار علي نواز ڪنڀر محمد ملوڪ ٿيٻو  سيد شاهنواز شاه سميت ضلع تعلقن ٽائونن جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اجلاس ۾ 17 جنوري سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگره جون ڀرپور تياريون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ سن شھر کي ايس يو پي جي جهنڊن سان ڪنوار وانگر سينگاريو ويندو  مانجهند تعلقي جي شھرن مانجهند خاڻوٺ منظورآباد علي آباد لاکا آمري لڪي شاه صدر سميت هر ننڍي وڏي بس اسٽاپ تي ڀليڪار وارا بينر لڳايا ويندا اجلاس ۾ شھيد ممتاز ڳورڙ جي ورسي 13 جنوري تي ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو جڏھن ت 10 جنوري سن ۾ پارٽي جي مرڪزي جنرل ڪائوئسل جي اجلاس ۾ عهديدارن کي شرڪت ڪرائڻو جو فيصلو ڪيو ويوان موقعي تي ڊويزن صدر حيدرآباد خطاب ڪندي چيو ت سائين جي ايم سيد جي سالگره قومي عيد جو ڏھاڙو آھي جنهن کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاء ڪارڪن پنهنجون تياريون ڀرپور ۽ جوش جذبي سان شروع ڪن عوام کي ڀرپور شرڪت ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.