اومي ڪرون مقامي سطح تي منتقل ٿي رهيو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون مقامي سطح تي منتقل ٿي رهيو آهي، عوام کي اپيل آهي ته نئين لهر کان بچڻ جي لاءِ احتياط ڪري. ڪورونا جي صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته 28 ڊسمبر کان 2 جنوري دوران اومي ڪرون جا نوان ڪيسز سامهون آيا، هيل تائين 268 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.هن ٻڌايو ته 28 ڊسمبر کان 2 جنوري دوران 133 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، 133 نمونن مان 95 اومي ڪرون جا ڪيس سامهون آيا. وڏي وزير خبردار ڪيو ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون مقامي سطح تي منتقل ٿي رهيو آهي، انهن مان ڪجهه ڪيس ٽريول هسٽري آهن ۽ ڪجهه مقامي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.