آڊيو وڊيو ليڪ جي سياست، ان جا نتيجا ۽ مستقبل

تحرير؛مظهر عباس

لڳي ٿو ته  سال 2021 جي ”آڊيو وڊيو ليڪ“ جي سياست ۾ 2022 ۾ اڃان وڌيڪ شدت ايندي ڇو ته چونڊن جو سال هجي يا نه هجي سياسي گهما گهمي جو سال ضرور رهندو. هونئن به هاڻي سياست ”بيڊ روم“ تائين اچي پهتي آهي.

اها به ”سوشل ميڊيا“ جي ذريعي جيڪا ايندڙ چونڊن ۾ سڀ کان موثر هٿيار جي طور تي استعمال ٿيندي. نه ڪنهن کي هاڻي جلسي جي ضرورت نه جلوس جي ۽ انهيءَ لاءِ شايد وڏين جماعتن پنهنجا سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس مضبوط بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

هاڻي ڇا سچ آهي ڇا ”فيڪ“، ان کي ڄاڻڻ جي ڪنهن کي پرواهه آهي، هونئن به وچ بازار ۾ اوهان ڪنهن جو پٽڪو لاهي ڇڏيو ته هو رڳو وضاحتون ڏيندو وتندو.

جيڪا سياست 70 جي ڏهاڪي ۾ ڊرائنگ روم کان نڪري گهٽين ۽ ميدانن ۾ اچي پهتي هئي واپس انهيءَ گس ڏانهن وڃي رهي آهي پر ناڪاري انداز ۾. هاڻي سياست هڪ ” موبائل“ ميسيج، هڪ آڊيو يا ويڊيو ليڪ جي مار آهي.تنهن ڪري هاڻي جماعتن کي سياسي ڪارڪنن جو نه  پر آءِ ٽي جو تجربو رکندڙ ماهرن جي ضرورت آهي. اهو ڪم پاڪستان تحريڪ انصاف ڪافي موثر انداز ۾ 2013 ۾ ڪيو پر هاڻي هر وڏي جماعت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. شايد اوهان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي ياد هجي ته ڪجهه مهينا اڳ رڳو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ واٽس ايپ، انسٽا گرام، فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ وغيره ڇا بند ٿيو ته ايئن لڳي پيو ته سياست تي پابندي مڙهجي وئي هجي.زندگي ڄڻ بيهجي وئي هر پل کانپوءِ ماڻهو ڏسندا رهيا ته سروس بحال ٿي يا نه، جتي جڏهن وزيراعظم کان وٺي هڪ عام ماڻهو تائين نيٽ ورڪ سان جڙيل هجي اُتي سروس معطل هئڻ ڪنهن سزا کان گهٽ ناهي.

شهباز شريف صاحب پنهنجي دور ۾ هزارن جي تعداد ۾ ”ليپ ٽاپ“ ورهايا. فائدو بهرحال ان جو عمران خان کي مليو،  ڇو ته ان جو نيٽ ورڪ وڌيڪ مضبوط هئو. ممڪن آهي ته سياسي جماعتن جي ايندڙ منشورن ۾ به مفت موبائل ورهائڻ جو واعدو شامل هجي. هاڻي ته نعرو به لڳي سگهي ٿو ته ”ڪير ڪندو رهنمائي موبائل ڀائي موبائل ڀائي“.

هڪ ڳالهه طئي آهي ته هن ڊجيٽل دور ۾ سياست آڊيو يا وڊيو ليڪ جي چوڌاري ڦرندي. پهريون ليڪ ڪريو پوءِ ان تي گرما گرم بحث سوشل ميڊيا تان شروع ٿي مين اسٽريم ميڊيا تائين پهچي وڃي. هاڻي جيستائين ان جي متبادل ڪهاڻي اچي، ماڻهو بدنام ٿي چڪو هوندو.

اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ”فيڪ نيوز  فيڪٽس“ کان تمام گهڻو اڳتي آهي. ڪوڙ کي سچ سمجهي فالو ڪندڙن جو انگ سچ ڳالهائيندڙن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ڪجهه سالن اندر ڪيترا  ئي ”ليڪ“ ايندا، وڪي ليڪ کان وٺي پاناما ليڪ تائين. انهن ۾ وري به تمام گهڻا هاڪاري پاسا هئا ۽ اهڙين ليڪس دنيا جي سياست ئي تبديل ڪري ڇڏي. پاناما آئي ته ڪيترن ئي حڪمرانن کي استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي، ڪجهه جيل ويا ڪجهه نااهل ٿيا اسانجي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سميت.هاڻي پيڊورا ليڪس وارن جي ڳولها جاري آهي. لڳي ٿو ته اهو معاملو وڏو طوفان برپا ڪندو.

سال 2021 ۾ ڪجهه آڊيو ويڊيو ليڪس ڪافي تباهي آندي، سلسلو چيئرمين نيب جي مبينا وڊيو ليڪ کان شروع ٿيو هو جنهن کانپوءِ نيب جي ڪيس جي رفتار ۽ رخ مخالف ڌر ڏانهن وريو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گهڻين آڊيو ويڊيو ليڪس ۾ رٽائرڊ ججن جو نالو اچي رهيو آهي.ڳالهه جسٽس ارشد ملڪ مرحوم جي ويڊيو کان شروع ٿي مبينا طور تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تائين پهچي وئي. اڃا بحث اتي ئي ختم نه ٿيو ته مريم نواز صاحبه جي آڊيو ليڪ اچي وئي.

هاڻي ڳالهه جاچ يا ڪميشن ٺاهڻ جي مطالبن تائين اچي وئي آهي هاڻي ته بس ڪنهن باري ۾ اوهان هڪ تاثر ميڊيا ۾ قائم ڪرائي ڇڏيو ته مرڻ گهڙيءَ تائين ان جو نالو ان سان جڙيل رهندو. آخر ڪو ته ڪارڻ هوندو ته اهڙيون آڊيو يا وڊيو ليڪس عدالتي  ڪارروائي جو حصو ناهن بڻيو نه ئي ڪنهن پنهنجي بچاءُ لاءِ انهن جو سهارو ورتو. نه ئي ڪنهن چيلينج ڪيو.عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ته ڌار ڳالهه آهي. منهنجي هڪ دوست چواڻي جيڪو هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج آهي ” انهن کي ثابت ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي“ سندس چوڻي موجب عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته اها ويڊيو ڪنهن ليڪ ڪئي، ڇو ڪئي ۽ ڪٿان ليڪ ٿي. ريڪارڊ ڪندڙ ڪير هو وغيره وغيره.

ڪنهن حد تائين منهنجي دوست جي ڳالهه صحيح آهي. مشڪل سان ئي ڪو پڪڙ ۾ ايندو آهي هتي ته سي سي ٽي وي ڪيمرا جي ذريعي جهليل ماڻهو به ڇڏجي ويندا آهن ليڪ وارا ڪٿي جهلجي سگهبا؟

اوهان مان شايد ڪن ماڻهن کي ياد هوندو ته متحده قومي موومينٽ جي هڪ دهشت گرد صولت مرزا جي ويڊيو سمورن چئنلز تي هڪ ئي مهل پڌري ٿي، ڪنهن به سوال نه ڪيو ته اها ويڊيو ڪٿان ملي، بس ايترو ڪافي هو ته اهو نه ڏسو ته اها ريڪارڊنگ  ڦاهي گهاٽ ۾ ڪيئن ٿي، ايترو ڪافي آهي ته هو ڇا چئي رهيو آهي.

آڊيو ويڊيو ليڪ جي چوڌاري ڦرندڙ اها سياست نئين سال ۾ به جاري رهندي، ممڪن آهي ته ان تيزي اچي. هاڻي فقيراڻي سياست جو زمانو ناهي رهيو نه ئي هاڻي  اها صحافت رهي بس ڪا ليڪ هٿ لڳي  وڃي ته ڪيترن ئي ڏينهن جي فرصت، سياستدانن جي انفرادي به ۽ جماعتن جا به سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ موجود آهن.

هاڻي ته جيلن ۽ عقوبت خانن ۾ به سوشل ميڊيا موجود آهي. هتي بيرڪ ۾ ويٺل ڏوهاري پنهنجي ساٿين جي ذريعي ڪارروائي جاري رکڻ جو چوندا آهن. هاڻي هٿ ۾ قلم ۽ نوٽ بوڪ ناهي هوندو، ڪيمرا جي جاءِ آءِ فون وٺي ڇڏي آهي، موبائل ذريعي ٽڪرز لکرائي ڇڏيو بس پوءِ آفيس وڃڻ جي بدران ڪينٽين ۾ ويهي چانهه جي چسڪي وٺو.

تنهن ڪري اڄ جي سياست ڊيجيٽل ٿي وئي آهي. بس اوهان پنهنجي آڏو ڪيمرا رکو ۽  قوم سان خطاب شروع.پر ان ۾ ٿورڙي ڏکيائي اها آهي ته اوهان اهو سمجهي ويٺا آهيو ته اوهانجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ کي  لائيڪ ڪندڙن جي تعداد لکن ۾ آهي ته اهي اوهان جا فالوئرز بڻجي ويندا. هڪ اڳوڻو فوجي صدر اهو سمجهي ڪراچي آيو پر سندس آڌرڀاءُ لاءِ ڪجهه سئو ماڻهو اُتي پهتا هئا.

دوستو، هاڻي اوهان نتيجا تسليم ڪريو يا نه ڪريو”اليڪشن ڊيجيٽل“ ٿيندي. اڳ RTS هاڻي EVM جي آزمائش آهي.دعا ڪريو ته ايندڙ چونڊن جي وقت ڪٿي ڪنهن جڳهه ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سروس معطل نه ٿئي. نئون ڊيجيٽل سال اوهان سڀني کي مبارڪ هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.