ڪڪڙ ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي نوجوان زخمي، 2 جوابدار گرفتار

ڪڪڙ (ن ع آ) ڳوٺ ڀائي خان ملاح واسي نوجوان سخاوت قمبراڻي کان درگاھ قاضي برھان الدين وٽان ھٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪئي مزاحمت دوران کين رتورت ڪري فرار ٿي ويا زخمي متاثر نوجوان ٿاڻي پھچي ويو اطلاع تي ڪڪڙ پوليس مين روڊ جي ناڪابندي ڪندي ٻن ڦورن کي پستول سميت گرفتار ڪري ڳوٺاڻي کان ڦرٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي  گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ ڳوٺ کاٽ لشڪر واسي آصف ھنڱورو ۽ عامر بڪيرو طور ڪئي وئي آھي پوليس پاران ٻنھي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھوڏانھن شھرين واپارين سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ڊي آء جي حيدرآباد آء جي سنڌ کان ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ٿيندڙ بدامني چورين ڦورن جون نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.