ناشپتي انساني صحت لاءِ گهربل غذائيت سان مالا مال ميوو قرار

ناشپتي جو ڳڻپ اُن فروٽ ۾ ڪئي ويندي آهي جنهن کي اڪثر ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته ناشپتي هڪ مٺو فروٽ آهي، جنهن ۾ 84 سيڪِڙو پاڻي جو مقدار هوندو آهي، ان ۾ غذائي ريشا ۽ اينٽي آڪسيڊينٽس ڀرپور مقدار ۾ موجود هوندا آهن، جنهن سبب ان جي استعمال سان صحت کي ڪيترائي فائدا ملندا آهن.

غذائي ماهرن موجب ناشپتي انساني صحت لاءِ گهربل غذائيت سان مالا مال ميوو آهي، ان جي استعمال سان شگر ۽ جيري جي مريضن جي صحت ۾ قدرتي بهتري ايندي آهي، جنهن جي استعمال سان ڪولسٽرول به ڪنٽرول ۾ رهندو آهي.

غذائي ماهرن موجب ناشپتي سوڊيم ۽ پوٽاشيم جهڙي معدنيات سان ڀرپور هوندو آهي، رت جي رواني ۽ دل جي صحت کي بهتر رکڻ لاءِ ان جو استعمال ضروري قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ناشپتي ۾ موجود فائبر بلڊ شوگر ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي هيٺ آڻي ٿو، جنهن سان دل بهتر طريقي سان ڪم ڪندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ناشپتي ڪينسر جهڙي مرض جي علاج ۾ مدد ڪندي آهي، اها  اينٽي آڪسيڊينٽ خاصيتون هجڻ ڪري جسم ۾ ڪينسر پيدا ڪندڙ جيوگھرڙا کي مارڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اها وٽامن سي ۽ وٽامن اي جو ڀرپور ذريعو هجڻ ڪري جسم ۾ آزاد ريڊيڪلز خلاف اينٽي آڪسيڊينٽ جو ڪم ڪندي آهي.

ماهرن موجب ناشپتي وڌندڙ وزن کي گهٽ ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ناشپتي کائڻ سان گهڻو دير تائين بک ناهي لڳندي، هن فروٽ ۾ موجود فائبر قبض، پيٽ جي سور، ڪمزور هاضمي واري نظام  جهڙن مسئلن ۾ مدد ڪندو آهي.

غذائي ماهرن جو چوڻ آهي ته صوف ۽ ناشپتي ٻنهي ۾ پاڻي جي مقدار تمام گهڻي هوندي آهي، کلن سوڌو هن فروٽ کي کائڻ سان واڌو فائبر جي فراهمي ٿيندي آهي، جيڪا پيٽ کي گهڻي دير تائين ڀريل رهڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

ماهرن موجب ناشپتي جو جوس ٺاهڻ بدران رڳو مڪمل فروٽ طور کائڻ سان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي، ان سان وڌيڪ فائبر جسم کي ملي ويندو آهي،  جسماني طور ڪمزور ماڻهن کي ان  فروٽ جو روز استعمال ڪرڻ گهرجي، هن ۾ موجود گلوڪوز فوري جسماني تواهائي فراهم ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.