ناظم جوکيو قتل ڪيس بابت وفاقي حڪومت جو وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ناظم جوکيو قتل ڪيس بابت اهم فيصلو ڪيو آهي، انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جو خاندان صلح  ڪندو ته رياست ان ڪيس کي اڳتي وڌائيندي.

سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر گرفتار آهي.

ناظم جوکيو تي تشدد ٿيو ۽ کيس ماريو ويو، ناظم جوکيو جي ڀائرن 3 پوليس آفيسرن جو نالو ورتو ته اهي جاچ ڪن.

تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هزارين اهڙا قتل ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ رڳو پکين جو شڪار نٿو ٿئي، عرب کان آيل شهزادا جيڪو ڪن ٿا ان تي بريفنگ ٿيڻ گھرجي.

شيرين مزاري چيو ته قنديل بلوچ ڪيس اسان جي سامهون آهي، رياست ناظم جوکيو ڪيس کي اڳتي وڌائيندي ۽ ڪيس وڙهندي، ڪميٽي ۾ سنڌ کان ڪو به ناهي ايندو. وفاقي حڪومت سنڌ پوليس کي ناظم جي خاندان جي حفاظت جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.