حيدرآباد ۾ روڊ حادثي جو زخمي ڪئيمرامين فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ خانگي ٽي وي چئنل جو ڪيمرامين زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڳوٺ موري منگر جو رهواسي ڪيمرامين غلام مرتضي ڪجھ ڏينهن اڳ ٽنڊوالھيار ويندي پنهنجي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ميرپورخاص روڊ ماڇي ھوٽل وٽ وڻ سان ٽڪرائڻ سبب سخت زخمي ٿيو هو. جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال داخل ڪيو ويو. جتي آءِ سي يو وارڊ ۾ هن گذريل رات دير سان دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ موري منگر پهچايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.