سنڌ جون زمينون والاري ڌارين کي ڏنيون پيون وڃن: دودو ديشي

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي هڪ بيان ۾ چيو ته سنڌ جي زمين تي غيرقانون والار ڪئي  وئي آهي شهرن ۾ ڌارين کي آباد ڪري زمين تي قابض ڪيو پيو وڃي ۽ ٻهراڙين ۾ وڏيرن ڀوتارن کي سرڪاري زمين تي قابض ڪيو ويو آهي امير لاء ٻيو قانون آهي ۽ پورهيت لاء ٻيو قانون آهي ڀنڀور جي تاريخي ورثو سان هٿ چوراند ڪري زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي ٻئي طرف ڪارونجهر جي ڪٽائي لاء مشينون تيار آهن ڪارونجهر سنڌ جي تاريخ آهي ڪارونجهر جي ڪرندڙ هڪ هڪ پٿر سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو قتل هوندو سنڌ جا ماڻهو حساس آهن پنهنجي تاريخ ماڳن لاء محبتون احساس رکن ٿا, بحريا ٽائون کي رد ڪيون ٿا, اڳواڻ چيو ته سنڌ اندر پورهيت سان وڏو ظالم ٿي رهيو آهي ڀاڻ کي بليڪ ڪرڻ سنڌ جي هارين کي قرضي بڻائي زراعت کي تباه ڪرڻ جي سازش آهي جيڪا عوامي جدوجهد سان ناڪام ڪنداسين سنڌ جي خوشحالي جي جدوجهد جاري رهندي، عوام کي هڪ ڏينهن حقن ملندا , سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي سنڌ جا وسيلن عوام تي خرچ ڪياوڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.