2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 12.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي

اسلام آباد(م ڊ) شماريات کاتي ڊسمبر ۾ مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، مهانگائي ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، شماريات کاتي مطابق ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.02 سيڪڙو کان 12.28 سيڪڙو رهي، جولاءِ کان ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح 9.81 رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ مهيني ۾ دال مسور 8.64، دال ماش 6.58، کاڄرو تيل 6 سيڪڙو مهانگو ٿيو، دال چڻا 5.27، ميوا 4.81، چڻا 4.71 ۽ کير 2.83 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هڪ مهيني ۾ ٽماٽا 49.74، ڀاڄيون 25.73، پٽاٽا 19.76 سيڪڙو سستا ٿيا، مرغي 18.34، بصر 17.8، کنڊ 9.22 ۽ آنا 3 سيڪڙو سستا ٿيا، شماريات کاتي موجب هڪ سال ۾ مسٽرڊ آئل 60.77 ۽ کاڄرو تيل 59.33 سيڪڙو مهانگو ٿيو، ويجي ٽيبل گيهه 56.33، دال مسور 33.56 ۽ ميوا 30 سيڪڙو مهانگا ٿيا، شماريات کاتي موجب 2021ع ۾ سرنهن جو تيل 60.7 سيڪڙو، کاڄرو تيل 59.3، گيهه 56.3، دال مسور 33.5، گوشت 20.4، چڻا 20، اٽو 19 ۽ ڪڻڪ 14.6 سيڪڙو مهانگي ٿي، 2021ع ۾ کير 14.4، چوئنرا 14.2، ڳڙ، ڪپڙا ڌوئڻ جو صابڻ ۽ ماچيس 16.5 ۽ کنڊ 13.28 سيڪڙو مهانگي ٿي، جڏهن ته بجلي جي قيمت ۾ 59.3 سيڪڙو واڌ  ٿي، رپورٽ مطابق هڪ سال ۾ تعميراتي سامان جي اگهه  11.3 سيڪڙو وڌي ويا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.