سي پيڪ کي رول بيڪ ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

پشاور(م ڊ) جي يو آءِ ف  جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪمرانن جي پاليسين اقتصادي معاشي ترقي جو رستو روڪي ڇڏيو،پشاور ۾ ڪي پي جي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته  سي پيڪ جهڙي اهم ترين رٿا کي رول بيڪ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ جي ويجهو آهي، اعتراف پاڪستان جا ادارا ڪري چڪا آهن، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ 2019ع کان هيل تائين حڪومت کي ڪو قرض ناهي ڏنو، پنهنجي بئنڪ عالمي ادارن جي هٿ ۾ ڏيڻ ملڪي آزادي داءُ تي لڳائڻ برابر آهي، هن چيوته اسيمبلين جو وقار پائمال ڪري آئين کان مٿانهان بل پاس ڪيا پيا وڃن، 17 سيڪڙو نوان ٽيڪس لڳائي غريب عوام کي وڌيڪ تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، هن چيو ته 360 ارب رپين جي مني بجيٽ رڳو آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيش ڪئي وئي، حڪومت 215 ارب رپين جي سبسڊي واپس وٺي ڇڏي آهي، هن چيو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف کي مڙهي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي، مستقبل ۾ مداخلت نه ٿي ته اسان چئني صوبن ۾ مثالي فتح حاصل ڪنداسين،فاٽا انضمام جو فيصلو فاٽا جي عوام سان زيادتي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.