ڪراچي ۾مڪاني ادارن جي ترميمي بل خلاف جماعت اسلامي جو سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽ: صادق سومرو) پيپلز پارٽي جي مڪاني ادارن واري قانون خلاف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي  حافظ نعيم الرحمان چيو ته اڄ جو سج وڏيرن ۽ جاگيردارن کان آزادي جو ڏينهن هوندو، مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ مبارڪون ڏيان ٿو جيڪي 30 ڪروڙ کان وڌيڪ شهرين جي نمائندگي ڪن پيا، هن چيو ته سنڌ جي وڏو وزير ۽ سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جي جدوجهد فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اوهان کي اهو قانون واپس وٺڻو پوندو، تحريڪ اڳتي وڌندي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سندن حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، اڳ ٽرانسپورٽ ۽ سرڪلر ريلوي هلندا هئا پر هاڻي هڪ به سرڪاري بس نه هلندي آهي، ڪراچي سڄي ملڪ کي ٿو هلائي پر حڪمران ڪراچي کي نٿا هلائين،هن چيو ته  سموريون سياسي پارٽيون ڪراچي کي چراگاهن سمجهن ٿيون، ايم ڪيو ايم جاگيردارن ۽ زميندارن سان ٽڪراءَ ڪري ڪراچي جي ارمانن کي ماري رهي آهي،ڪراچي ۾ آدمشماري صحيح طريقي سان ڪئي وڃي ته سنڌ اسيمبلي مان جعلي ۽ وڏيرن جي اڪثريت ختم ٿي ويندي، هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويهڻ وارا جمهوريت جا نه پر فاشزم جا نمائندا آهن، اهي آمريت جا نمائندا آهن، پيپلز پارٽي اڪثريت نه مڃي ملڪ کي ورهايو ۽ جنرلن جو ساٿ ڏنو،وصيعت،وراثت تي هلندڙ پارٽين جو تعلق جمهوريت سان ناهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته عوام ساڻس گڏ ناهي،حڪومت  جي نااهلي سبب هڪ مهيني ۾ لکين ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، ڪتي جي چڪ جي دوا فراهم ناهي ڪئي وئي، حڪومت ادارن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته  وزيراعظم چيو هو ته 6 مهينن ۾ شهرين کي 650 ملين گيلن پاڻي ڏنو ويندو پر 16 سالن ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه مليوآهي،ڪراچي جو حق ڪراچي ۾ رهندڙ هر زبان سان تعلق رکڻ واري جو حق آهي، هن چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جي عوام جي حقن جي دعويٰ ڪرڻ لاءِ نڪتي آهي، پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر لساني سياست ذريعي ڪراچي جي عوام کي ورهائڻ چاهي ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.