چيف جسٽس آف پاڪستان ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس آف پاڪستان ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏيندي ايڊووڪيٽ جنرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪارونجهر ڪٽائي خلاف سپريم ڪورٽ  جي وڪيل محمد اشرف سمون پاران زباني درخواست تي تاريخي  چيف جسٽس تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

وڪيل محمد اشريف چيف جسٽس گلزار احمد کي ٻڌايو ته قومي ورثي ۽ تاريخي ماڳ ڪارونجهر تي تي غيرقانوني ڪٽائي جاري آهي، مقامي ماڻهن توڙي صوبي ۾ احتجاجن باوجود ملوثن خلاف ڪاروائي نٿي ٿئي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس زباني درخواست تي اشرف سمون کان پڇاڻو ڪيو ته ڪارونجهر جبل ڪير ڪٽائي ڪري رهيو آھي، جنهن جي جواب ۾ درخواست گذار وڪيل چيو ته اهڙي غيرقانوني ڪٽائي سنڌ حڪومت جي منرل ۽ مائينز کاتي وارا ڪرائي رهيا آهن

جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور ڪٽائي بند ڪرڻ جو حُڪم ڏيندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته اِها ناجائزي آھي ڪٽائي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻو  ۽ ٻُڌايو ته ڪارونجهر کي ڪير پيو ڪٽي؟

ان دوران ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي چيو ته اسان درخواست گذار کان تفصيل وٺي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي کي روڪرايون ٿا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.