وزيراعظم جي ڳالهه ٿيندي ته نواز شريف جو نالو ايندو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ن ليگ ۾ وزير اعظم جي اميدوار جي حوالي سان ڪو مونجهارو ناهي  ۽ پارٽي ۾ جڏهن به وزيراعظم جي ڳالهه ٿيندي ته هڪ ئي نالو سامهون ايندو ۽  اهو نواز شريف آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن کان اڳ نواز شريف جي واپسي جو فيصلو هن جو پنهنجو هوندو ۽ هو جڏهن به واپس اچڻ چاهي اچي ويندو. هن چيو ته پارٽي نواز شريف کي انصاف جي فراهمي چاهي ٿي ۽ پارٽي جو فيصلو آهي ته جيستائين انصاف جي فراهمي جي خاطري نٿي ڪرائي وڃي، هن کي واپس نه اچڻ گهرجي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ڪنهن سبب جي ڪري نه هوندو ته ان جي جاءِ اسان جو سينيئر شهباز شريف آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.