سخاوت راجپوت، ناظم جوکيو،  فھميده سيال واقعن خلاف پوليس هيڊ آفيس آڏو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اڳواڻن قمبر ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿيل پي ٽي آئي اڳواڻ سخاوت راجپوت، شھيد ناظم جوکيو، شھيد فھميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس جي آفيس ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھري جي اڳواڻي حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان ڪري رھيا ھئا. مظاھرين پاران آءِ جي ۽ وزيراعلي سنڌ خلاف سخت نعريبازي ڪئي،حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي بھادر اڳواڻ سخاوت راجپوت کي قتل ڪيو ويو سندس قاتل اڃان تائين گرفتار ناھي ٿي سگھيا. سخاوت راجپوت لاڙڪاڻي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪرتوتن خلاف آواز بلند ڪري رھيو ھو.  اسين پنھنجي ڪارڪن جي قتل جو سنڌ حڪومت کان ضرور جواب وٺنداسين. ھن چيو ته احتجاج جو دائرو پوري صوبي تائين وڌايو ويندو. ٻئي پاسي پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبرن جي وفد پي ٽي آئي ڪراچي جي صدر خرم شير زمان جي اڳواڻي ۾ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪئي ۽ آءِ جي آڏو ٿيل پي ٽي آئي اڳواڻ سخاوت راجپوت، شھيد ناظم جوکيو ، شھيد فھميدا سيال جي قاتلن جي گرفتاري نھ ٿيڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.