انسان ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ساهه کڻندو آهي؟

 

جيئري رهڻ لاءِ ساهه کڻڻ ته ضروري آهي پر ڇا توهان کي اهو علم اهي ته روز ڪيترا ڀيرا ساهه کڻندا آهيو؟

زندگي ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي شيون هونديون آهن، جن بابت اسان غور ويچار ڪندا آهيون ۽ ذهن ۾ اهڙا ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا آهن، جن جا اسان وٽ جواب ناهن هوندا.

انهن مان هڪ سوال اهو به آهي ته اسان ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ساهه کڻندا آهيون؟

توهان کي ٻڌائيندا هلون ته ٻارن ۾ ساهه کڻڻ جي شرح تيز هوندي آهي، کير پياڪ ٻار هڪ منٽ ۾ 30 کان 60 ڀيرا ساهه کڻندا آهن.

ننڍو ٻار هر منٽ ۾ 20 کان 30 ڀيرا ساهه کڻندو آهي، جڏهن ته نوجوان يا وڏي عمر جا ماڻهو عام طور تي 12 کان 20 ڀيرا ساهه کڻندا آهن.

اهڙي ريت اسان سڄي ڏينهن ۾ 17 هزار کان 30 هزار ڀيرا ساهه کڻندا آهيون ۽ اها شرح وڌي به سگهي ٿي، ڇو ته ورزش يا اهڙي ڪنهن سرگرمي سان ساهه کڻڻ جي شرح ۾ واڌ ٿي ويندي آهي.

واضح رهي ته ساهه کڻڻ جي ذميواري ڦڦڙن تي هوندي آهي، جيڪي ساهه جي نظام جو اهم ترين حصو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.