کوکراپار ۾ شگر جي ڏهاڙي تي مريضن جي تپاس

کوکراپار(ن ع آ ) شوگر جي عالمي ڏينهن تي انجمن پرتاب گڙھ (اودھ) اسپتال پاران مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ شوگر جي ماھر ڊاڪٽرن سميت جنرل فزيشن ۽ ٻين بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن مريضن جو بلڊ شوگر بلڊ پريشر ڪاليسٽرول ھڏين جي بھربھراپڻ (بي ايم آءِ اي) ٽيسٽ سميت جنرل بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن سوين مرد توڙي عرت مريضن جو مفت علاج ڪيو ۽ دوائون پڻ ڏنيون انھي موقعي تي انجمن پرتاب گڙھ جي عھديدارن ۽ ورڪرن سميت العربيه اسڪائوٽ جي نوجوانن رضاڪارانه طور تي ڪيمپ ۾ ايندڙ مريضن جي رھنمائي ڪئي انھي موقعي تي ملير جي سماجي اڳواڻ زاھد رحيم ۽ سينئير صحافي عنايت قمبراڻي ۽ ٻين  ڪيمپ جو دؤرو ڪيو.انھي موقعي تي انجمن پرتاب ڳڙھ جي نائب صدر خليل الدين قريشي صحافين سان ڳالھائيندي  چيو ته اسان 1955 کان پنهنجي مدد پاڻ تعت نه رڳو پنهنجي برادري پر عام شھرين جي اسپتال اسڪول ميت بس سميت ايمبولينس سروس ذريعي خدمت ڪري رھيا آھيون ۽ ڪيترن ئي غريب خاندانن جي مستقل بنيادن تي ماھوار وظيفي طور مدد سان گڏوگڏسندن ٻارن جي تعليم جو ماھوار خرچ پڻ ادا ڪندا آھيون انھي موقعي تي ڳالھئيندي سماجي اڳواڻ زاھد رحيم انجمن پرتاب ڳڙھ جي عھديدارن ۽ ڪارڪنن جو کيس مھمان خاص طور ڪيمپ ۾ شرڪت جي دعوت تي شڪريو اداڪندي چيو ڪراچي ۾ سماجي خدمت جي حوالي سان انجمن پرتاب ڳڙھ ( اودھ) جو پنهنجو مقام آھي جيڪي بنا ڪنهن رنگ نسل جي مسلسل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کان  عوام جي خدمت ڪري رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.