مٽياري ۾ 4 قاتلن کي عمر قيد جي سزا

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪورٽ جي عدالت چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،عدالت سڳوري چئن جوابدارن غلام مصطفي پڃارو ، غلام سرور پڃارو ، غلام رضا پڃارو ۽ عبدالرحيم پڃارو کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ۾ بٺو فاريسٽ ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،جنهن ۾ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته چئني جوابدارن مٿان 2020 ۾ بٺو ٿاڻي جي حد ۾ صادق جتوئي کي پئسن جي ڏيتي ليتي تان قتل ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.