ڇانوڻين جي زمين تي ڪاروبار غيرقانوني، فوجي ادارن جو ڪم شادي هال ۽ سئنيما هلائڻ ناهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽ: ماريا اسماعيل) سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، اسٽريٽجڪ زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪيون پيون وڃن. بچاءُ وارن ادارن جو ڪم ڪاروباري سرگرميون، شادي هال ۽ سئنيما گهر هلائڻ ناهي. سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو /ويو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين تي ٻڌل ٽي رڪني جي بئنچ ۾  ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر ملٽري لينڊ پيش، چيف جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جو طريقو اهو آهي ته وڏيون ڀِتيون تعمير ڪريو، پوءِ ڪابه خبر ناهي پوندي ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي .ڊي ايڇ اي فيز چار ۾ ڪير عمارت پيو ٺهرائي.  فيصل ڪينٽونمينٽ ۾ ڪمرشل پلازا ۽ شادي هال ٺاهي ڇڏيا، سي او ڊي ۾ شادي هال ۽ سئنيما گهر هلن ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته دفاعي ادارن جو اهو ڪم نه آهي، پر هنن نفعي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو نيوي به اهڙاڪم ڪري رهي آهي .سڀاڻي مسرور بيس ۾ به سوسائٽي ٺاهي ويندي .ملير ڪنيٽ ۾ زمين ورهائي پئي وڃي. جيڪب لائن ۾ اسان ميڪرو بند ڪرايو . ملينيم مال جي سامهون ڪاروباري ديوار ٺاهي وئي. نيوپليڪس سان گڏ هڪ ديوار آهي جيڪا ڪمرشل سرگرمين جي لاءِ آهي .عدالت ڊائريڪٽر ملٽري لينڊ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .هوڏانهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد ،جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ،رفاهي پلاٽن ،پارڪن ۽ ميدانن تي قبضي واري ڪيس ۾ ڪراچي جو ايدمنسٽريٽر مرتضي وهاب پيش ٿيو .عدالت ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي سمورا قبضا ختم ڪري هنن کي اصلي حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . عدالت چيو ته .ڪشمير روڊ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي .چيف جسٽس چيو ته مرتضي وهاب صاحب! ڪراچي ۾ 4 قدرتي ڍنڍون هونديون هيون .عدالت ۾ مرتضي وهاب چيو ته هن جگهه تي فٽبال گرائونڊ ٺاهيو ويو. ڍنڍن جي هڪ حصي ۾ وڻڪاري ڪئي وئي آهي .  فيروزآباد ۽ طارق روڊ جي آس پاس قدرتي ڍنڍون هونديون هيون .چيف جسٽس چيو پاڻي جو ڇا ٿيو . ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته پاڻي ختم ٿيڻ تي ڍنڍون ختم ٿي وينديون آهن .چيف جسٽس چيو ته پوءِ زمين ته محفوظ هجڻ گهرجي .هڪ ماڻهو چيو ته دڪان ٺاهيا ويا آهن .عدالت ڪراچي جي ڪمشنر کي ٻن هفتن ۾ عمل ڪرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.