شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ لاءِ رستو صاف، ايوب آفريدي مستعفي

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کي سينيٽر بڻائڻ جو رستو کُلي ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽرايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کي سينيٽ چيئرمين منظور ڪري رتو. سينيٽ سيڪريٽريٽ ايوب آفريدي جي سيٽ خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن 30 ڏينهن اندر خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي .  هوڏانهن ايوب آفريدي کي وزيراعظم جو اوورسيز صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ايوب آفريدي چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي جمع ڪرائي ڇڏي پر گڏيل اجلاس سبب انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.