ڪوٽڙي ڀرسان رڪشو ڪلٽي، ٻن ٻارن سميت هڪ عورت زخمي

ڪوٽڙي ڀرسان رڪشو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

ڪوٽڙي جي سائيٽ ٽيليگراف ويجهو رڪشا اڳيان ڪتو اچي ويو جنهن سبب رڪشو ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

زخمين ۾ 8 ورهين جو عمير، 11 ورهين جي بختاور ۽ 45 ورهين جي هاجاڻي شامل آهن.

علائقي واسين پاران زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.