وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 13 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جنهن مان ڪيترن ئي ايجنڊا آئٽم جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جلد شيڊيول جاري ڪندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيٽرول بحران ڪميشن جي رپورٽ تي ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون.

ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ۽ مهانگي درآمدي گئس کي ڏسندي ڪابينا ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو.

وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سمري تي واڌ جي منظوري ڏني آهي، ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس جي قيمت 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي منظوري ڏني وئي.

فيصلي موجب ڪيپٽو پاور پلانٽن کي گئس 6.5 ڊالرن بدران 9 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.