ڪنب ۾ بااثرن جي زيادتين خلاف مسيحي برادري جوا حتجاج

ڪنب (ن ع آ) ڪنب لڳ ڳوٺ غلام شبير ڪلادي جي اقليتي برادري مارواڙي ڪرسچن سان تعلق رکندڙ مردن عورتن ۽ ٻارڙن پاران  منظور مسيح ڀٽو مسيح وڪيل مسيح اختيارمسيح ۽ مسمات سجنا مسيح ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو  ڪندي چيو ته اسان هتي 35 سالن کان  رهائش پذير آھيون ۽هتي اسان جي عبادت گاه چرچ پڻ آھي  هاڻي وساڻ برادري سان تعلق رکندڙ شير وساڻ عاشق وساڻ شهمير وساڻ ۽ ٻيا گرجا گهر ۽ گهر جي پلاٽ  تي زبردستي  قبضو ڪرڻ ۽ لڏائڻ لاء ڌمڪائن پيا. ۽ هنن  زبردستي چرچ ۽ گهر جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ لاء ڪاٺيون به رکي ويا آھن. هنن چيو ته اسان اقليتي برادري سان ناجائزي ڪئي پئي وڃي اسان کي انهن ماڻهن مان خطرو آھي هنن وزيراعلي سنڌ سيد مرادعلي شاه صوبائي صلاحڪار منظورحسين وساڻ آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جو مطالبوڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.