قاضي احمد ۾ عوامي آواز ٽي وي جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙي جو پروگرام

قاضي احمد ۾ عوامي آواز ٽي وي جي سڏ تي سنڌو تو ۾ ساهه جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جو شاندار پروگرام ڪوٺايو ويو

پروگرام ۾ شهري دڪاندار اتحاد، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين ثقافتي ويس ٽوپي اجرڪ پهري ڀرپور نموني شرڪت ڪئي

اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي سنڌ جي قديم ثقافت سان پيار آهي سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪا اسان جي سڃاڻ آهن.

سنڌ ۾ رهندڙ هر قوم ۽ ھر ٻولي ڳالهائيندڙ کي سنڌ جي ثقافت سان پيار آهي

ان موقعي تي شھري دڪاندار اتحاد ثقافتي عيد 5 ڊسمبر واري ڏهاڙي تي استقباليا ڪئمپ لڳائي ثقافتي ريلين جي آجيان ڪرڻ جو اعلان ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.