مقصودي رند لڳ جهيڙي جو زخمي فوت

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند لڳ 12 ڏينھن اڳ ڳوٺ دائم حاجاڻو ۾ معمولي ڳالھه تان ٿيل  ٻن سڳن سؤٽن ۾ جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتو خبر موجب مقصودو رند لڳ 12 ڏينھن اڳ ڳوٺ دائم حاجاڻو ۾  ٻارن جي معمولي ڳالھ تان سؤٽ پاڻ ۾ وڙھي پيا ھئا جھيڙي ۾ نوجوان عاشق علي حاجاڻو ڪھاڙي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو ھو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو جيڪو رات دير سان زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو نوجوان جي فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائجي ويو جڏھن ته پوليس جوابدار انصاف حاجاڻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.