بدين ۾ عوامي آواز جي سڏ تي سگهڙ ڪچهري، سرداري نظام رد

بدين (رپوٽ: رازقڏنوکوسو)عوامي آواز جي سڏ تي پاران اعلانيل سرداري نظام کان ڇوٽڪاري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ رئيس عاشق علي گوپانگ پاران بدين شھر ۾  سگھڙ ۽ مچ ڪچھري منعقد ڪرائي وئي مچ ڪچهري ۾ سگھڙن ثقافتي رنگن سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ،قومي فنڪارن قومي گيت ۽ الغوزي ۽ بوڙينڊي تي ڌنون ٻڌايون مچ ڪچھري ۾ سگھڙن ھر ھڪ مھر علي جمالي ،قادر بخش جمالي ، محمد حسن ڀوت ،رياض عمراڻي ،محسن جمالي ،  عبدالقيوم راھو ۽ نور محمد نوتڪاڻي شاھ لطيف ،مولوي حاجي احمد ملاح ، اعجاز شاھ ، اسماعيل ريگستاني ۽ مبين پنائي جي شاعري ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لگائي ڇڏيا نوجوان فنڪارن  پيار علي جمالي ۽ سندس ساٿين سانوڻ فقير جي شاعري الغوزي ۽ نڙ بيتن ذريعي ٻڌائي پروگرام ۾ ويٺل سوين شاعقين کي جوش ڏياري ڇڏيو ،بعد ۾  صدارتي ايوارڊ يافته فنڪار فقير ذوالفقار لنڊ بوڙينڊي ۽ تنبوري تي مختلف گيت جھڙوڪ پيرين پونديسانء ،چونديسانء رھي وڃ رات ڀنڀور ۾ ۽ حسن درس جي وائي پکي پرديس جا …ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ، آخر ۾ قومي فنڪار استاد الھڏنو جوڻيجو نياز همايوني جو گيت سنڌ منھنجي امان جان توتي گھوري ڇڏيان ڳائي رات  کي روشني سان پکيڙي ڇڏيو آخر ۾ سرداري نظام ڀوتاريڪي نظام کان سنڌ  کي آجو ڪبو جو نعرو ھڻي پروگرام جي پڄاڻي ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.