لکي لڳ شهيد ٿي ويل اهلڪار جو ٽيجهو، هڪ ڪروڙ ڏيڻ جو اعلان

لکي غلام شاھ(ن ع آ) گذريل 7 ڏينهن اڳ ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو ۾ ٿاڻي منور جتوئي تي ڌاڙيلن پاران ڪاھ ڪري ڪيل فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل لکي غلام شاھ واسي پوليس اهلڪار واحد بخش ڀٽو جو ٽيجهو ٿي گذريو جنهن ۾ ايس ايس پي شڪارپور تنوير احمد تنيو ڊي ايس پي لکي غلام حسين پيرزادو ايس ايڇ او عبيدالرحمان ڌاريجو سميت سول سوسائٽي جي اڳوڻن منظور ڀٽو طالب حسين ميمڻ نظام الدين ميمڻ لالا ڪاظم خان پٺاڻ محمد عامل مهر غلام اڪبر مهر مولا بخش ميمڻ ڪرم حيسن منگي سميت وڏي تعداد ۾ اڳواڻن ٽيهجي جي دعا ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور تنوير احمد تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف پهرين ڏينهن کان ڪارروايون ڪندا پيا اچون اڳتي به ڪنداسين جوانن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري پنهنجي جانن سان کيڏي دشمنن سان مقابلو ڪيو آهي جيڪي به پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن انهن جي خون جو حساب ورتو ويندو وڏي حڪمت عملي جوڙي آهي ڌاڙيلن کي بچڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو ٻين ايس ايس پيز جنهن ۾ ڪنڌ ڪوٽ ۽ سکر جو به ساٿ آهي ڪجهه تيغاڻي ذات جا ماڻھو وڌيڪ هنن ڏوهن ۾ ملوث آهن جن کي ساڳي انجام تائين پهچايو ويندو. جتي انهن کي پهچڻ گهرجي شهيد واحد بخش ڀٽو لاءِ جيڪو اعلان ڪيل آهي هڪ ڪروڙ ۽ 2 نوڪريون انهن جي قرباني مطابق تمام گهٽ آهي پر انهن شهادت جو جام پيتو آهي اهڙيون قربانيون ڪنهن جي نصيب ۾ هونديون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.