تلهار ۾ جعلي زرعي دوائون جي انڪشاف بعد ڇاپا، سيمپل ورتا ويا

تلهار(ن ع آ) گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال لاڙ بدين جعلي زرعي دوائون کان محفوظ رھيو،جڏھن ته گذريل سال ساريالي فصل ۾ جعلي ٻج وڪرو ٿيڻ جو به انڪشاف پڻ ٿيو،مختلف شڪايتن بعد صوبائي ايگريڪلچر جي ٽيم ضلعي توڙي ڊويزنل آفيسرن سان مختلف دوڪانن تي پھچي جائزو وٺي رھي آھي،ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد اسلام الدين راجپوت،تلهار ۾ ايگريڪلچر صوبائي ٽيم پاران تلهار جي مختلف زرعي دوائن جي دوڪانن تي اوچتا ڇاپا هنيا جنهن ۾ مختلف قسم جي زرعي دوائون جا سيمپل پڻ نوٽ ڪيا ۽ ڪجهه غير رجسٽرڊ ڪمپنين جا پراڊڪٽس پڻ مليا جنهن تي ٽيم جي ڊويزنل ڊائريڪٽر اسلام دين راچپوت، ڊائريڪٽر جاويد سمون لوڪل آفيسرن کي سخت ڪاروائي جو حڪم پڻ ڏنو، ۽ سيمپل کڻي ليبارٽري پهچائڻ جا حڪم پڻ ڏنا ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالهائيندي اسلام دين راجپوت چيوته صوبائي وزير زراعت منظور حسین وساڻ جو حڪم آهي ته ڪنهن به قسم جي زرعي زهر ۽ ڀاڻ ۾ ملاوٽ يا ٻه نمبري برداشت نه ڪئي وڃي غيرقانوني ڪم ڪرڻ وارن کي قانون جي دائري ۾ آڻڻو پوندو ۽ سخت قدم کنيا ويندا ٽيم سان گڏ اسلام الدين راجپوت ڊويزنل ڊائريڪٽر زراعت حيدرآباد، ارشاد علي رستماڻي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت بدين، محمد صالح قمبراڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر بدين تلھار انچارج ھاشم لغاري ۽ ٻيو اسٽاف پڻ گڏ هو، ٽيم پاران تلهار ۾ نقلي زرعي دوائون فروخت ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو آهي جنهن تي هنن ٻڌايو ته نقلي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.