سوڀوديرو ۾ احتجاج، بااثرن تي مڙس کي اغوا ڪرڻ جو الزام

سوڀوديرو (ن ع آ) ڳوٺ ڪينجھر جي رھواسي عورتن مسمات امينت مڱڻيجو۔مسمات شڪيلا۔غلام الله مڱڻيجو ميڊيا وارن اڳيان احتجاج ڪيو مسمات امينت خاتون الزام ھڻندي چيو  ته مان پنھنجي مڙس غلام رسول مڱڻيجو سان گڏ ڊاڪٽر ڏي وڃي رھيا ھئاسون ته بااثر نعمت مڱڻيجو۔ڪريم بخش۔تاج محمد۔ خالد۔معشوق۔ سرفراز وارن اسان مٿان فائرنگ ڪئي ۽ وياج جي پئسن ۾ منھنجي مڙس غلام رسول مڱڻيجو کي ڌڪ ھڻي رتورت ڪري ڊوڙائي ڊوڙائي اغوا ڪري ويا اھڙو واقعو علائقي جي ڪيترن ماڻھن ڏٺو آھي بااثر وياجين موٽرسائيڪل ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچائي سوڀوديرو پوليس کي پڻ گھرايو سوڀوديرو پوليس کي اسان قرآن پاڪ کڻي ڏسيو ته موٽرسائيڪل خريد ڪيل آھي جنھن جي رسيد پڻ اسان وٽ آھي بااثر وياجين کي اسان پنجاھ ھزار عيوض مال ملڪيت نياڻيون وڪڻي ڏھ لک ڏئي چڪا آھيون اڃان به چار لک وياج گھرن پيا گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي پئسي جي زور تي اسان سان ظلم ڪندا رھن ٿا. پر اسان غريبن جي ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آھي اسان عدالت ۾ به درخواست ڏني ھئي جتي نه آيا اسان جي موٽرسائيڪل سوڀوديرو ٿاڻي تي بيٺل آھي باقي منھنجو مڙس  غلام رسول مڱڻيجو گم آھي جيڪو مان سوڀوديرو ٿاڻو۔ھنڱورجا ٿاڻو۔سڳيون ٿاڻي تان پڇا ڪئي آھي پوليس چوي ٿي اسان وٽ نه آھي ڳوٺاڻن آء جي۔ سنڌ ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته منھنجي مڙس کي آزاد ڪرائي وياجين خلاف قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.