ملڪ ۾ مهانگائي بي حساب آهي، کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏني وڃي: سنڌ هاري ڪاميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان پورهيت جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ جاکوڙي اڳواڻ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي پهرين ورسي جي واري تقريب سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي صدارت ۾ ٿي. تقريب کي ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي، پروفيسر امداد چانڊيو، تاج مري، سارنگ ڄام، ڪامريڊ حڪم چند، جبار باغي، دودو ديشي، ڪامريڊ عبدالڪريم شر، ايڊووڪيٽ اعجاز شر، ڪامريڊ محمد نواز جتوئي، قومي راڳي ٻيجل سنڌي، شاعر محمد قاسم مهيري خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ اظهر جتوئي ڌرتي جو ارڏو ڪردار هو، هن پنهنجي ماڻهن سان پيار ڪرڻ سيکاريو. ڪامريڊ اظهر جتوئي پاڻ کي پورهيتن جو عاشق سڏائيندي آخري دم تائين پورهيت جدوجهد سان جڙيل رهيو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان پونم اتحاد، سنڌ بچايو ڪميٽي سميت ٻين اتحاد سان گڏ ڌرتي جو ڪيس وڙهندو رهيو. هنن چيو ته ڪامريڊ اظهر جتوئي ڪميٽيڊ سچو کرو اڳواڻ هو. هنن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، ملڪ اندر لائن آرڊر جي صورتحال انتهائي خراب آهي، پوليس جو راڄ آهي، قانون کان مٿانهان قتل ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته هارين، مزدورن ۽ پورهيتن کي رزعي جنسن جا صحيح اگهه نٿا ڏنا وڃن، هارين کان سستي اگهه تي جنسون وٺي ساڳين شين کي ڊبل قيمتن کان مٿي وڪيو پيو وڃي. تقريب ۾ هيٺيون قراردادون پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو دريا تي غير قانوني قبضو ۽ سنڌو تي ڊيم اڏڻ جي سنڌ هاري ڪاميٽي مخالفت ڪري ٿي اهڙي سمورين  رٿائن کي هي ميڙ رد ڪري ٿو. شهيد ٿيل ناظم جوکيو جي وارثن سان اظهار يڪجهتي ڪندي انصاف جي گهر ڪريون ٿا قتل ۾ ملوث ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي هميشه رڪينيت معطل ڪندي اليڪشن وڙهڻ کان نااهل ڪيو وڃي. سنڌ اندر هلندڙ پوليس گردي بند ڪري قانون کان مٿانهان ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ بند ڪري ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي… زرعي دوا ڀاڻ بليڪ تي هلائيندڙ ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زرعي دوا ڀاڻ جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. پنوعاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن شفيق واگهو ۽ عبدالرحيم واگهو سميت اغوا ٿيل نوجوانن جي فوري بازيابي يقيني بنائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.