چوهڙ جمالي ۾ ڪرڪيٽ جي معاملي تان نوجوان چاقو جا وار ڪري قتل، ٻيو زخمي

چوهڙ جمالي(ن ع آ) درگاھ شاھ يقيق تي ڪجھه ڏينهن اڳ ٿيل منهن ماري تان ڪالهه ٻن نوجوانن چاقو جا وار ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، چوهڙ جمالي لڳ درگاھ شاھ يقيق تي ڪجھه ڏينهن اڳ درس برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪرڪيٽ جي ٽڪيٽ جي ڳالھه تان ٿيل معمولي منهن ماري ٿي هئي جنهن کانپوءِ ڪاله ٻن جوابدارن اسنوڪر گيم جي دڪان تي ويٺل 28 ورهين جي نوجوان يونس پٽ ڪارو درس کي چاقون جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته هڪ ڄڻو بلاول درس سخت زخمي ٿي پيو ۽ قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو ويو جتي قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن محمد صالح درس، نويد ۽ فاروق درس ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڪرڪيٽ جي ڳالھه تان يونس غلام علي ۽ علي رضا جي وچ ۾ منهن ماري ٿي هئي جنهن کانپوءِ  ڪالهه اسان جو نوجوان ڪراچي کان آيل مهمانن سان گڏ اسنوڪر گيم جي دڪان تي ويٺل هو، جتي ٻه ڄڻن علي رضا ۽ غلام علي درس مٿس حملو ڪري چاقو جا وار ڪيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو، اسان جي نوجوان کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، چوهڙ جمالي پوليس اسپتال پهچي تفصيل ورتا ۽ مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ سجاول روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.