ايم پي اي ماڻهو پيا مارين، سنڌ ۾ امن تباهه آهي: ارباب رحيم

ڪلوئي( رپورٽ: نواز لنڊ)وزير اعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم  سنڌ ۾ امن امان  جي خراب صورتحال بيگناه قتل و غارت  خراب حڪمراني سياسي مخالفن سان انتقامي ڪارواين ۽ پوليس گردي خلاف وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو، هن چيو ته تازو ناظم جوکيو کي هڪ چونڊيل ايم پي اي اويس جوکيو بيگناهه شھيد ڪري ڇڏيو ،امن امان  جي صورتحال تمام خراب آھي اسلام ڪوٽ ۾ اينگرو ڪمپني وارن پورهيت دودو ڀيل کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، خيرپور ۾ ماڻھن مٿان گاڏي چاڙھي وئي ساجد ٻانڀڻ پي پي جو ايم پي اي هجڻ سبب هن تي ڪابه ڪاروائي نه ٿي سنڌ ۾ ٻيو واقعو قمبر شھداد ڪوٽ ۾ ايم پي اي گهنور اسراڻ جي چرچ تي ڏينهن ڏٺي جو فهميده سيال  کي ۽ قران پاڪ کي شھيد ڪيو ويو، هن چيو ته سياسي مخالفن تان سياسي انتقام فوري طور بند ڪيو وڃي ايماندار ۽ ساک وارا آفيسر مقرر ڪياوڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.