مائي جندو مفلسيءَ جو شڪار، بکون ڪاٽڻ تي مجبور !

حيدرآباد(رپورٽر) مزاحمت جي علامت ٽنڊو بهاول سانحي جي شهيدن جي امڙ جندو جي سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه جي آيل هڪ وڊيو ماڻهن کي روئاڙي ڇڏيو. امڙ جندو انتهائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.امڙ جندو گهرڀاتين سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. امڙ جندو جو چوڻ آهي ته بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هن چيو ته سڪي پني ڄاول ٻچا ماري ڏنا ويا. هاڻ حالت اها آهي ته بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هن چيو ته جيڪا زمين حڪومت پاران مونکي ڏني وئي اتي پاڻي ناهي. زمين ڪانگ پيا اڏامن جهنگ ٿي ويو آهي. پکين جي پيئڻ جو به پاڻي زمين تي ناهي رهيو. هن چيو ته مشهوري ڪرڻ جي لاءِ نالي ۾ زمين ڏني وئي. هن چيو ته ٻچن کي نوڪريون نه مليون. هن چيو ته هاڻ هلي به نٿي سگهان دانهون ڪيان ته ڪيئن هاڻ همت ناهي رهي. گهر ويٺي آهيان گهر ڪير اچي مدد ڪندو صحافين تائين پهچي نٿي سگهان. امڙ جندو روئيندي ٻڌايو ته ٻچا مري ويا آئون باقي جسم جي کل بچي آهيان هاڻ جيئڻ به نٿي چاهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.