ڪنسرٽ ۾ گيت ڳائڻ حرا ماني کي مهانگو پئجي پيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)ناليواري پاڪستاني اداڪارا حرا ماني کي اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

حرا ماني جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي بحث هيٺ آهي جنهن ۾ هوءَ مشهور ميوزيڪل بينڊ نوري جي ڪنسرٽ ۾ گلوڪار علي نور سان گڏ گيت ”يارا نيند آئي نا“ ڳائي رهي آهي.

اداڪارا کي ڪنسرٽ ۾ گيت ڳائڻ مهانگو پئجي ويو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته آواز ۽ گيت سميت حرا ماني جي لباس پهرڻ جي انداز کي به مزاق جو نشانو بڻايو.

هڪ واهپيدار چيو ته حرا کي نه ڪپڙا پهرڻ ايندا آهن ۽ نه گيت ڳائڻ ايندو آهي، وڊيو تي ڪنهن ڪانسٽر کي ئي مزاق قرار ڏنو ته ڪنهن چيو ته حرا ائين ڳائي رهي آهي جيئن ڪنهن ٻار کي مائيڪ ڏني وئي هجي.

واضح رهي ته اداڪارا حرا ماني هلندڙ سال جي منڌ ۾ گلوڪاري جي شروعات ڪئي هئي، هن پنهنجو پهريون گيت ”سواري“ ڳايو هو جنهن کي عوام ۾ گهڻي مشهوري ملي.

مداح حرا جو پهريون گانو رليز ٿيڻ کانپوءِ ان جي آواز ۽ گلوڪاري جي گهڻي ساراهه ڪري رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.