ڪراچي ۾ ويڪسينيٽرن جو سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو، ارڙي ۽ روبيلا مهم جو بائيڪاٽ

ڪراچي (رپورٽ:صادق سومرو) ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سراپا احتجاج ويڪسينيٽرن مطالبا مڃڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، گڏوگڏ ويڪسينيٽرن ٽائيم اسڪيل جو اڄ تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 336 ويڪسينيٽرن جي بحالي ۽ ٽائيم اسڪيل سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه 13هين ڏينهن به ذاڪر بوزدار، مولا بخش چانڊيو، خالد مگسي، خدا بخش قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ويڪسينيٽرن احتجاج ڪيو ۽ ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين مارچ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي پوليس مظاهرين کي پولو گرائونڊ وٽ رنڊڪون وجھي روڪي ورتو ۽ واٽر ڪينن توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مظاهرين پولو گرائونڊ وٽ 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، پوءِ وڏي وزير جي هدايت تي اي پي آءِ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ارشاد ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته ٽائيم اسڪيل وارو نوٽيفڪيشن اڄ 12 وڳي تائين جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته 336 ويڪسينيٽرن کي بحال ڪرڻ لاءِ سفارشي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ويندي، اهڙي خاطري کانپوءِ ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو جاري رهندو.هوڏانهن ويڪسينيشن مهم جو افتتاح ڪندي وڏي وزير چيو ته هڪ پاسي ويڪسينيشن مهم هلي پئي ۽ ان موقعي تي غيرضروري مطالبا کڻي اچڻ درست ناهي، جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ڌرڻي ۾ الله بخش سنگراسي، الله بخش مري، پرشوتم به موجود هئا، جڏهن ته ڏوڪري ۾ الطاف سومرو، غلام عباس زهراڻي، رحمت ٿهيم، ظفر جيسر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ نادر جوڻيجو، اياز منگي، ضمير جتوئي، غلام عباس ملاڻو، ليڊي هيلٿ ورڪرز شهربانو مڱريو، تسليم جوڻيجو، نوابزادي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روبيلا ميزلس، پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوميرپور بٺورو ۾ ويڪسينيٽر ايسوسيئيشن پاران ارڙي ،روبيلا جي ويڪسين جو بائيڪاٽ ڪري ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ تعلقه اسپتال بٺورو اڳيان،بشران آرائين ممتاز ميمڻ  ،شازیہ عدنان. بتول خواجا خيرالنسا شورائي غلام مصطفي خاصخيلي ، جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.