اکين هيٺان ڪارا چُٽا ڪيئن ختم ڪجن؟ سستو ۽ سولو ٽوٽڪو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اکين جي هيٺان ڪارا داغ چهري جي خوبصورتي کي متاثر ڪندا آهن، عورتن جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي ته اهي داغ انهن کان پري رهن ۽ سندن جلد چمڪي.
هاڻ اهو ممڪن آهي ته مهانگي آءِ ڪريم استعمال ڪرڻ کانسواءِ اوهان گھريلو ٽوٽڪن سان ئي انهن کي ختم ڪري سگھو ٿا.
هر گھر ۾ موجود بنيادي ڀاڄي پٽاٽو به اوهان جي انهن داغن کي ختم ڪري سگھي ٿو.
پٽاٽو اکين جي هيٺان ڪارن داغن لاءِ هڪ بهترين علاج آهي، جيڪو پنهنجي ٿڌي تاثير سبب هڪ پرسڪون اثر رکي ٿو.
پٽاٽي ۾ موجود وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس اکين جي هيٺان سوڄ کي گھٽائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.
پٽاٽي ۾ موجود اهم مادو
پٽاٽي ۾ موجود ”ڪيٽيڪول“ هڪ قدرتي مادو آهي جيڪو گھڻو ڪري کَلَ جي سار سنڀال جي شين ۾ به استعمال ٿيندوآهي.
اهو مادو رڳو پٽاٽي جي ٿوري مقدار مان ئي ملي ويندو آهي ۽ اوهان جي اکين جي هيٺان جي کَلَ کي بهتر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
پٽاٽي سان ڪارن داغن کي هنن طريقن جي مدد سان ختم ڪري سگھجي ٿو.
سڀ کان پهريان پٽاٽي کي سنهڙن ٽڪرن ۾ ڪاٽي وٺو، انهن ٽڪرن کي پنهنجي اکين جي هيٺان رکو.
پٽاٽي کي سنهڙو ڪاٽي وٺو، پوءِ ان کي هڪ سنهڙي رومال ۾ رکي ڇڏيو ۽ ان کي پنهنجي اکين تي رکو.
پٽاٽي کي گرينڊ ڪريو، ان کي ڇاڻي وٺو، پوءِ ٻن ڪاٽن پيڊز کي ان ۾ ڀڄائي پنهنجي اکين جي هيٺان رکي ڇڏيو.
خيال رهي ته انهن ٽڪرن کي 15 منٽن تائي اکين تي رکي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.