صدر پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پشاور ۽ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس اشتياق ابراهيم جي نالي جي منظوري ڏني، صدر طرفان منظوري بعد قانون واري وزارت جسٽس اشتياق ابراهيم جي پشاور هاٰءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو.
صدر زرداري بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ هاشم ڪاڪڙ جي منظوري به ڏني، جنهن بعد قانون واري وزارت جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي مقرري جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن کي مستقل جج بڻائڻ جو به نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب جسٽس فضل سبحان، جسٽس شاهد خان ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال کي مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.