سي سي آءِ جي جوڙجڪ تي ڳڻتي،ارسا آرڊيننس ختم ڪيو وڃي: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي

ڪراچي(پ ر) سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جي هڪ خاص گڏجاڻي ۾ ڪالهه قاضي فضل حق جي صدارت هيٺ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ پروفيسر اعجاز قريشي ( سيڪريٽري ) ، محمد اسلم بلوچ ، پروفيسر مشتاق ميراڻي ، ڊاڪٽر ايم اي شيخ ، ڊاڪٽر محبوب شيخ ، محمد يوسف ميمڻ ، اسحاق سومرو ۽ ٻين ميبرن شرڪت ڪئي . گڏجاڻي ۾ سنڌ جي ٻرندڙ ۽ اهم مسئلن تي تفصيل سان گفتگو ڪئي وئي ۽ان کان پوءِ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا، ميمبرن جي اها راءِ هئي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي چڪي آهي ، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا حملا ، اغوائون ، قتل ، عورتن ۽ ننڍن ٻارڙن سان زيادتيون تمام وڌي ويون آهن ، جنهن ۾ پريا ڪماريءَ جو مثال وڏي اهميت حاصل ڪيو ويو آهي . ٺهراءَ ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته  امن امان جي صورتحال کي بحال ڪيو وڃي ۽ ننڍڙي نياڻي پريا ڪماريءَ کي هڪدم آزاد ڪرائي پنهنجن مائٽن سان ملايو وڃي سوسائٽي طرفان اڃا ارسا آرڊيننس کي ختم نه ڪرڻ تي ڪافي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ وفاقي حڪومت کان خاص طور تي ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف کان گهر ڪئي وئي ته ان آرڊيننس کي ختم ڪيو وڃي هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙ جڪ ۽ ڪارگذاري تي پڻ سخت موقف اختيار ڪيو ويو ته تازو ٺهندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ مان صرف هڪ نمائندو جيڪو سنڌ جي وڏي وزير کي مقرر ڪيو آهي ، جيڪو اڳ ۾ ئي ڪائونسل جو ميمبر آهي. پنجاب مان چار ميمبر کنيا ويا آهن ۽ وزير اعظم کي ٻه ووٽ آهن ، ساڳئي وقت بلوچستان مان پڻ هڪ ميمبر کنيو ويو آهي ، ساڳئي وقت خيبر پختون خواهه مان ٻه ميمبر کنيا ويا آهن . سوسائٽي جي ميمبرن اهڙي جوڙجڪ تي سخت ڏک جو اظهار ڪندي سنڌ جي طرفان هڪ ٻيو نمائندو جيڪو سنڌي ڳالهائيندڙ هجي ان کي مقرر ڪيو وڃي،سوسائٽي پنهنجي هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ سنڌ جي زمين ٻاهرين فرمن کي ڏيڻ جي مذمت ڪري ٿي ، ڇو ته هي نگران حڪومت جو غلط فيصلو هو ،سوسائٽي گهُر ڪري ٿي ته اها زمين واپس ڪري سنڌ جي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ڏني وڃي ،هڪ ٻئي ٺهراءَ ذريعي هن سال ڪڻڪ جي فصل لاءِ بارداني جي ورهاست تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇو ته غريب آبادگارن ۽ هارين کي باردانو نه ملي رهيو آهي . باردانو صرف وڏن زميندارن ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن کي ملي رهيو آهي ، جن کي حڪومت طرفان ڏنل اگهه کان محروم ڪيو ويو آهي. ڪن حالتن ۾ باردانو واپارين کي پڻ ڏنو ويو آهي،سوسائٽي انهيءَ ڳالهه جو پڻ نوٽيس ورتو آهي ته سنڌ ۾ ترقيءَ جو فقدان آهي ۽ ٽيهن سالن کان سنڌ ۾ ڪا به صنعت نه لڳي آهي  زراعت جي بنياد تي پڻ ڪارخانا لڳائي سگهجن ٿا ، ڇاڪاڻ ته سنڌ پنهنجن وسيلن م مالا مال آهي پر صرف انهيءَ کي صحيح استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.