ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار گووندا جي گهرواري سنيتا آھوجا مڙس کي ڪنهن ڇوڪري سان سڳ سوڌو پڪڙڻ جي صورت ۾ نتيجن بابت خبردار ڪري ڇڏيو.
اداڪار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آھوجا وچ ۾ هلندڙ سال فيبروري کان عليحدگيءَ جا افواهه گردش ڪري رهيو آهن ته جوڙو طلاق لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
گووندا جي وڪيل للت بندل به تصديق ڪئي هئي ته سنيتا آھوجا طلاق لاءِ درخواست ڏني هئي، پر پوءِ چيو ويو ته هاڻ گووندا ۽ سنيتا ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اٽڪل چئن ڏهاڪن کان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل جوڙي بابت ڌار ٿيڻ جون ڳالهيون گووندا جي مبينا افيئر سبب سامهون آيون.
سنيتا آھوجا ڪيترائي ڀيرا اهڙي قسم جي افواھن بابت وضاحت ڪري چڪي آھي، پر ويجهڙائي ۾ ھڪ وي لاگ ذريعي ان معاملي تي تفصيلي روشني وڌي.
وي لاگ ۾ سنيتا آھوجا اعتراف ڪيو ته”مون ٻڌو آھي ته گووندا جا افئيرز رهيا آھن، پر جيڪڏهن ڪڏهن مون پاڻ کيس سڳ سوڌو پڪڙيو، ته ان ڳالهه کي ميڊيا تائين پهچائڻ واري به آئون ئي هونديس.“
هن چيو ته ”اڄڪلهه جون ڇوڪريون گهر هلائڻ لاءِ ’شوگر ڊيڊي‘ ڳولينديون آھن، پر جيستائين مان نه پڪڙيان، تيستائين ٺيڪ آھي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مون پڪڙي ورتو ته ياد رکو منهنجو هٿ سني ديول جهڙو يعني 5 ڪلو جو آهي.“
سنيتا اِهو به چيو ته گووندا جي ڪٽنب ۾ ڪي ماڻهو اسان ٻنهي کي خوش نٿا ڏسڻ چاهين، ڇو ته سندن پنهنجا گهر ٽٽي چڪا آھن ۽ گووندا اهڙن ماڻهن سان اُٿي ويه نٿو، ”اڄ منهنجو به ڪو دوست ناهي، ڇو ته منهنجا ٻار ئي منهنجا دوست آهن.“
گووندا جي افيئر بابت ٻڌو اٿم، ڪنهن سان پڪتو مانس ته مهنجو هٿ به 5 ڪلو جو ٿس: سُنيتا آهوجا
You might also like