عورت ڪرندڙ ٻِليءَ کي ڇَٽي سان جهَپي مرڻ کان بچائي ورتو!

چين ۾ هڪ عورت اوچائي تان اوچتو هيٺ ڪرڻ واري ٻلي کي پنهنجي ڇٽيءَ جي مدد سان بچائي ورتو، جنهن جي وڊيو سماجي رابطن واري ميڊيا تي ڌيان ڇڪائي رهي آهي.

اهو دلچسپ واقعو چين جي گوانگشي علائقي جي شهر ليئوژو ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت ٻاهر بيهي تصوير ٺاهي رهي هئي ته اوچتو مٿان موجود هڪ ٻلي هيٺ ڪرڻ لڳي.

ٻلي کي هيٺ ڪرندي ڏسي عورت ان کي هٿن سان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. خوشقسمتي سان سندس کليل ڇٽي ٻلي لاءِ ’حفاظتي ڄار‘ بڻجي وئي ۽ زمين سان ٽڪرائجڻ کان اڳ ئي ان جو ڪرڻ روڪي ڇڏيو.

رپورٽن موجب ٻلي ويجهي گهر جي پالتو هئي، جنهن کي غلطيءَ سان سڄي رات گهر کان ٻاهر ڇڏيو ويو هو.

You might also like