مصر مان قديم مقبرو دريافت! انوکي اڏاوت، ناياب لکت، حوض، ٿانوَن ۽ سِڪا هٿ

مصر جي اولهه واري ريگستاني علائقي ۾ قديم آثارن جي ماهرن لڳ ڀڳ 1700 سال پراڻو هڪ مقبرو دريافت ڪيو آهي، جنهن سان رومي حڪمراني دوران علائقي ۾ رائج تدفين جي رسمن ۽ ثقافتي روايتن بابت نئين ڄاڻ ملي آهي.

قديم آثارن جي ماهرن موجب، اهرام جهڙي شڪل ۾ چن جي پٿرن سان ٺهيل هي مقبرو هڪ بااثر شخص ۽ سندس زال جي تدفين لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. مقبري جي منفرد اڏاوت کانسواءِ هتان ناياب لکيل نقش ۽ تدفيني تحريرون پڻ مليون آهن.

کوٽائي دوران پٿر جي هڪ تختي پڻ ملي، جنهن تي قديم يوناني ٻوليءَ ۾ تحرير اُڪريل آهي. ماهرن کي مئلن لاءِ مخصوص هڪ تدفيني ميز، وارياسي پٿر کي ڌوئڻ لاءِ حوض ۽ مختلف قسمن جا ٿانوَ پڻ مليا.

مقبري مان ڪنجهي جو هڪ سڪو پڻ هٿ آيو آهي، جنهن تي رومي شهنشاهه قسطنطين جي تصوير اُڪريل آهي، جنهن سان هن ماڳ جي تاريخي اهميت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي.

مصر جي سياحت ۽ قديم آثارن واري وزير شريف فتحي موجب، هي دريافت انهن تهذيبن ۽ ثقافتن جي تسلسل جي هڪ جھلڪ پيش ڪري ٿي، جن مان مصر مختلف دورن دوران گذرندو رهيو آهي.

You might also like