سائنسدانن هڪ اهڙو نئون هٿرادو ڏاهپ تي ٻڌل اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو انسان جي آواز جي رڪارڊنگ جو تجزيو ڪري ٽائپ 2 ذيابيطس جي امڪاني علامتن جو پتو لڳائي سگهي ٿو.
هن وقت ذيابيطس جي سڃاڻپ عام طور رت جي جاچ ذريعي ڪئي ويندي آهي، جنهن سان گذريل ٻن کان ٽن مهينن دوران رت ۾ شگر جي سراسري مقدار جو اندازو لڳايو ويندو آهي. اها جاچ انهن ماڻهن جي به ڪئي ويندي آهي، جن ۾ لڳاتار ٿڪاوٽ، بنا ارادي وزن گهٽجڻ ۽ هر وقت اڃ لڳڻ جهڙيون علامتون ظاهر ٿين.
نئون هٿرادو ڏاهپ وارو اوزار ٽيڪنالاجي ڪمپني ٿائيميا ۽ آسٽريليا جي ميلبورن واري آر ايم آءِ ٽي يونيورسٽي جي محققن تيار ڪيو آهي. اوزار تيار ڪندڙ سائنسدانن موجب آواز جو تجزيو بيماري جي شروعاتي نشانين جي سڃاڻپ لاءِ تيز ۽ جسم ۾ ڪنهن به قسم جي چيرڦاڙ کان پاڪ طريقو بڻجي سگهي ٿو.
هن ٽيڪنالاجي ۾ آواز ۾ ايندڙ تمام معمولي تبديلين، جهڙوڪ ڀاري يا کرکري آواز ۽ ساهه چڙهڻ جهڙين علامتن جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ مبينا طور رڳو 20 سيڪنڊن ۾ نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
جيتوڻيڪ هي ٽيڪنالاجي هن وقت روايتي طبي تشخيص جو متبادل ناهي، پر ذيابيطس جي امڪاني موجودگي جي شروعاتي سڃاڻپ لاءِ تحقيق جو هڪ نئون رخ ضرور آهي.