اسپيس ايڪس جو راڪيٽ ڪاميابي سان مدار ۾ پهچڻ کانپوءِ موٽ تي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو

اسپيس ايڪس جو اسٽار شپ راڪيٽ پهريون ڀيرو ڪاميابي سان مدار ۾ پهچڻ کانپوءِ ڌرتيءَ ڏانهن واپسي دوران پئسفڪ سمنڊ ۾ چلي ڀرسان ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.

واقعي کان اڳ اسٽار شپ جي ٽن مک انجڻين مان هڪ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. اسپيس ايڪس پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ راڪيٽ جي روانگي، مدار ۾ پهچڻ ۽ واپسي جا منظر ڏيکاريا ويا، پر ڌماڪي کان ٺيڪ اڳ وڊيو ختم ڪئي وئي.

ڪمپني بعد ۾ راڪيٽ جي سمنڊ ۾ ڪري پوڻ جي تصديق ڪندي ان کي اسٽار شپ جي پهرين مداري اڏام قرار ڏنو.

اها اسٽار شپ جي 14هين آزمائشي اڏام هئي ۽ ان کي اسپيس ايڪس جي ان منصوبي لاءِ اهم آزمائش سمجهيو پئي ويو، جنهن تحت مستقبل ۾ انسانن کي چنڊ ۽ مريخ تائين پهچائڻ لاءِ هن خلائي جهاز کي استعمال ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي.

ان کان اڳ اسٽار شپ جون ڪيتريون ئي آزمائشي اڏامون هندي سمنڊ تائين پهچڻ کانپوءِ ناڪام ٿي چڪيون آهن، جن دوران ڪجهه راڪيٽ فضا ۾ ئي تباهه ٿي ويا هئا.

You might also like