ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي يونيورسٽين واري وزير اسماعيل راھو چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر پروفيسر حسين مهدي جي استعيفيٰ ملي وئي آهي، پر ان تي اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ اسماعيل راھو چيو ته وائيس چانسلر جي استعيفيٰ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قانون ۽ ضابطن موجب فيصلو ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت يا ڪنهن به سياسي شخصيت جي يونيورسٽين ۾ ڪا مداخلت ناهي، جڏهن ته وڏي وزير پڻ سمورن وائيس چانسلرن کي آزاداڻي طريقي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like