سائنسدانن نظام شمسي جي شروعاتي دور بابت هڪ اهم سوال جو جواب ڳولي ورتو آهي. نئين تحقيق موجب شروعاتي نظام شمسي ۾ ’باهه‘ يعني شديد گرمي وارن واقعن جا اثر وڌيڪ نمايان هئا.
ييل يونيورسٽي جي ارضياتي ۽ سياروي علمن واري شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر دمن وير گريوال ۽ سندس ساٿي محققن هن موضوع تي تحقيق ڪئي.
تحقيق دوران سائنسدانن ٻن قسمن جي مادن جو جائزو ورتو: ڪونڊرولز ۽ ميٽرڪس. ڪونڊرولز شديد گرمي سبب ٺهندڙ ننڍڙا پٿريلا ذرڙا آهن، جڏهن ته ميٽرڪس نرم ۽ مٽيءَ جهڙي مادي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي برف جهڙا اُڏامندڙ جزا پڻ شامل هوندا آهن.
ڪونڊرولز ان وقت وجود ۾ آيا، جڏهن خلا ۾ موجود مٽيءَ جي ذرڙن کي طاقتور ڌڪن جهڙن شديد گرمي وارن واقعن کي منهن ڏيڻو پيو. اهي ذرڙا ڳري ننڍين پاڻياٺ وارين ڦڙن ۾ تبديل ٿيا ۽ پوءِ تيزي سان ٿڌا ٿي ننڍڙا پٿريلا ذرڙا بڻجي ويا.
سائنسدانن کي اڳ ئي معلوم هو ته نظام شمسي جي وجود ۾ اچڻ کان لڳ ڀڳ 20 لک کان 40 لک سال پوءِ ڪونڊرولز جي صورت ۾ شديد گرمي جا آثار نمايان هئا. نئين تحقيق ۾ ان کان به اڳ واري دور، يعني نظام شمسي جي پهرين 10 لک سالن تي ڌيان ڏنو ويو.
تحقيق جي نتيجن مان ظاهر ٿيو آهي ته نظام شمسي جي ٺهڻ جي بلڪل شروعاتي مرحلي ۾ به شديد گرمي وارا واقعا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. سائنسدانن موجب اهي نتيجا نظام شمسي جي شروعاتي ماحول ۽ ان ۾ موجود مادي جي ارتقا کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا.