سعودي سيڙپڪاري ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪندس: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي جو هو پاڻ جائزو وٺندو ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪندو.
وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سعودي وفد جي پاڪستان جي تازي دوري ۽ مختلف شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ سعودي وفد جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ۽ پاڪستان طرفان رٿائن جي آڇ بابت آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جو پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو، پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري ۽ تجارتي توڻي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي نئين دور جي شروعات آهي.
هن چيو ته سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جو سندس خاص ڌيان سبب پاڪستان سعودي سيڙپڪاري ۽ تجارتي لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ممڪن بڻي، جڏهن ته سعودي سيڙپڪاري جي منصوبن جي پاڻ نگراني ڪندس.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي جو هو پاڻ جائزو وٺندو ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.