ڊربن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پهرين ون ڊي ۾ آسٽريليا کي 67 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪنگس ميڊ ڊربن جي ميدان تي آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 297 رنسون ٺاهيون، ميٿيو بريٽزڪي زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 106 بالن تي 112 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 14 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته مارڪو يانسن 59 بالن تي 75 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي نيٿن ايلس 3، ايڊم زمپا 2 ۽ جوش هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ ورتي.
ڏکڻ آفريڪا جي298 رنسن جي هدف جي جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم 42 هين اوورن ۾ 230 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڪپتان مچل مارش 36 بالن تي 60 رنسن جي تيز اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪوپر ڪانولي 38 ۽ ميٽ رينشا 44 رنسون ٺاهيون، پر ٻيا بيٽر ڏکڻ آفريڪي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيا.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪيشو مهاراج شاندار بالنگ ڪندي 20 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، ڪوربن بوش ۽ جيرالڊ ڪوئٽزي 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار اننگز تي ميٿيو بريٽزڪي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ آچر (27 سيپٽمبر) تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.
بريٽزڪي جي ڪُٽڪي کانپوءِ مهاراج جا هنڌائتا وارَ، ڏکڻ آفريڪا ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کي پهرين ون ڊي ۾ مات ڏئي ڇڏي
You might also like