واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سهڪار کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي مسئلن جو حل ڳولڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو.
وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران شي جن پنگ چيو ته هو خوبصورت آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرڻ تي خوش ۽ ميزباني تي صدر ٽرمپ جو ٿورائتو آهي.
چيني صدر پنهنجي گهرواري سان گڏ وائيٽ هائوس پهتو، جتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي خاتون اول سندس آجيان ڪئي. باضابطا ملاقات کان اڳ ٻنهي صدرن وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي.
شي جن پنگ چيو ته آمريڪا ۽ چين کي هڪ ٻئي سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اختلافن باوجود کُليل، گهري ۽ مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي هڪ ٻئي کي بهتر نموني سمجهي سگهجي ٿو ۽ گڏيل اعتماد وڌائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته هن ۽ صدر ٽرمپ وچ ۾ گڏيل احترام موجود آهي ۽ ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، تنهنڪري سچي نيت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.
شي جن پنگ چيو ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾ سهڪار جا وڏا موقعا موجود آهن، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار دنيا جو هر مسئلو حل نٿو ڪري سگهي، پر ان کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي مسئلن جو حل ڳولڻ به تمام ڏکيو ٿي ويندو.“
ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سندس ۽ چيني صدر جو تعلق گڏيل احترام تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته آمريڪا ۽ چين گڏجي ٻنهي ملڪن کي پيش ايندڙ مسئلن تي غيرمعمولي اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي.
ٽرمپ موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ متوازن واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، جنهن ۾ آمريڪي آبادگارن ۽ مال پاليندڙن لاءِ نين مارڪيٽن تائين رسائي پڻ شامل آهي.
هن چيو ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سيڪيورٽي، ٽيڪنالاجي ۽ ”سپر انٽيليجنس“ سميت اهم معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته انهن شعبن ۾ اڄ ٿيندڙ فيصلا ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين امن ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهن ٿا.
چيني ۽ آمريڪي فوجن فاشسٽ اڳرائيءَ خلاف گڏجي جنگ ڪئي: شي جن پنگ
وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي خطاب دوران شي جن پنگ چيو ته هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن چيني ۽ آمريڪي فوجن ”فاشسٽ جارحيت“ خلاف گڏجي جنگ وڙهي هئي.
هن چيو ته چيني عوام تاريخ جي ان باب کي ڪڏهن به نه وساريو آهي ۽ نه ئي آمريڪي عوام ان کي وساريو آهي.
ان حوالي سان چيني صدر اعلان ڪيو ته ايندڙ پنجن سالن دوران هڪ لک آمريڪي نوجوانن کي تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي پروگرامن تحت چين اچڻ جي دعوت ڏني ويندي.
چين ۽ آمريڪا وچ ۾ دوستي جي علامت طور شي جن پنگ اهو به چيو ته ٻه پانڊا آمريڪا ۾ پنهنجي نئين گهر اٽلانٽا زو ۾ آمريڪي عوام سان ملندا.
پانڊا تحفي طور ڏيڻ کي ڊگهي عرصي کان چين جي سفارتي دوستي ۽ نيڪ خواهشن جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي شي جن پنگ آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”ٻنهي ملڪن کي پنهنجي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ، تاريخي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ دوستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن گڏجي هڪ بهتر دنيا تعمير ڪري سگهجي.“
چين ۽ آمريڪا جي سهڪار کانسواءِ دنيا جي ڪيئي مسئلن جو حل ڏکيو بڻجي ويندو: شي جن پنگ
You might also like