اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري جو نقشو تبديل، صحافين تي عمران خان کان سوال پڇڻ تي پابندي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف هڪ سئو نوي ملين پائونڊ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري جو نقشو تبديل ڪيو ويو آهي، انتظاميا ڪمري ۾ سيڪيورٽي انتظام پڻ سخت ڪري ڇڏيا آهن.
عدالتي ڪمري ۾ ٽي شيشا لڳايا ويا آهن جڏهن ته ڪاٺ جي ڀتن کي نوَ فٽ مٿي ڪيو ويو آهي.
ميڊيا باڪس ۾ ڪوريج لاءِ نيون ايس او پيس لاڳو ڪيو ويون آهن.
نئين ايس او پيس تحت صحافين کي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس وڪيلن کان عدالت جي ڪمري ۾ سوال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ميڊيا باڪس ۾ ڪئميرا پڻ لڳائي وئي آهي.
واضح رهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف هڪ سئو نوي ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي خميس تي ٿيندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.